زهر نوڙو

زهر نوڙو: هيءَ هڪ ول آهي. جيڪا سخت زمين تي ٿيندي آهي. هن کي مال نه کائيندو آهي، ڇو ته هن ۾ زهر هوندو آهي. ان ڪري هن تي نالو زهر نوڙو پيو آهي، هن جا پن ڊگھا ٿيندا آهن، وڇون، نانگ، يا بلا وغيره. جي کائڻ وقت هن جا پن ڪٽي پياربا آهن ۽ ڏنگ واري جاءِ تي ٻڌبا به آهن. جنهن دؤر ۾ ڊاڪٽر گھٽ هوندا هئا ته نانگ يا بلا جي زهر لاءِ هيءَ ول استعمال ڪبي هئي.


لفظ زهر نوڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو